عظيم سنڌي انسان

عظيم سنڌي انسان

عظيم سنڌي انسان

عظيم سنڌي انسان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، محقق پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جي تحقيق تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 166 مشهور ليکڪن، شخصيتن جا پروفائيل شامل آهن. سـمـوريون شخـصيـتون الـف ب وار ڏنل آهن. ڪتاب جو مقدمو نامور محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي. جڏهن ته ‘ٻه اکر’ جي سري سان ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري ۽ تقريظي نظم عبدالڪريم تراب بروهيءَ جو ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ صحتنامو، تقويظ ۽ ببليوگرافي شامل آهي. 458ع صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻي، 1981ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي قميت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو